پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرورپورٽ

جڏهن کان اليڪٽرونڪ ميڊيا ترقي ڪئي آهن ان ڏينهن کان آهستي آهستي ادبي سرگرميون گهٽجي ويون آهن ، مطلب ڳالهه جو اهو اهي ته اليڪٽرونڪ ميڊيا ادب کي وڏو نقصان پهچايوآھي. جنهن ڪري رسالن جو وڪرو به گهٽجي ويو آهي ۽ ڪافي رسالا ان ڪري بند به ٿي ويا آهن ،جڏهن ته ادبي مشاعرا ، ڪتابن جي مهورت ۽ ٻيا پروگرام پڻ نه ٿيڻ جي برابر آهن
پر تازو ئي انٽرنيٽ ذريعي فيس بڪ تي وري اهي سڀ شيون نئين نموني متعارف ٿيون آهن
فيس بڪ تي هن وقت ادبي پروگرام به عروج تي ٿي رهيا آهن، جيڪو پڻ اسان لاءِ هڪ فائديمند عمل ثابت ٿي رهيو آهي.
تازو ئي فيس بڪ تي جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھڪ منفرد ڪامياب  پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعروڪوٺايو ويو
امن محبت زندھ باد جي عنوان تحت صاف گروپ طرفان14 فيبروري تي ويلنٽائين ڏھاڙي جي مناسبت سان پاڪستاني وقت رات9بجي کان12بجي تائينھي مشاعرو ڪوٺايو ويو ، فيس بڪ جي استعمال ڪندڙن سڄي دينا جي سنڌي اديبن جي تمام وڏي انگھن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، صاف ھن مشاعري جو انتظام ڪيو ھو، جيتوڻيڪ ھي ادب جي تاريخ ۾ پھريونتجربو ھو۽ ھن قسم جو عالمي مشاعرو ھڪ سٺو سنوڻ پڻ ھو،
ھن منفرد مشاعري جي انفراديت ھن ڪري به ھئي ته ادب سان شاعري سان ذوق رکندڙن سنڌين  وڏي انگ ۾  پنھنجي گھر جي ڪمرن مان ويھي شرڪت ڪئي ۽ مشاعري ۾ حصو ورتو.
ھي مشاعرو ذوالفقاربھڻ ڊزائين ڪيو ھو،مشاعرو ڊزائين ڪندڙ جو چوڻ ھو ته ھن مشاعري تي ڪو به خرچ نه آيو آھي،
مشاعري کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ تقريبن 10 چڻن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي ھئي.جن جو تعلق مختلف ملڪن سان ھو،ھن  مشاعري جي ڪاروائي سعودي عرب مان شاعر ۽ ڪھاڻي نويس نثار احمد ابڙو۽ ڪراچي مان سليمان وساڻ ھلائي رھيا ھئا.،
ھن منفرد عالمي مشاعري جي صدارت لاءِ چارنالن جو اعلان ڪيو ويو ھو جن ۾سنڌ مان شاعرشمشيرالحيدري ۽ ھدايت بلوچ جڏھن ته ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ومي سدرآگناڻي .جڏھن ته مشاعري جي ٻن شاعرن ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ سنڌ مان شاعرھدايت بلوچ صدارت ڪئي.مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن ھن قسم جي مشاعري جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي.
جن شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي انھن ۾
ڪجه نالا هي آهن..اندراشبنم پوناوالا ،ھدايت بلوچ،امر پير زادو، نثار احمد ناز،رخسانه پريت چنڙ،رضوان گل، ذوالفقار بهڻ، امداد سهتو،نند ڪُمار سنمُکاڻي، (نرمل کوهارو)، جبار بوزدار، ساجد سنڌي، آغا مشتاق ،شبير ڪنڀر، ملهار چانڊيو، ، نثار احمد ناز، ، وفا سومرو، رئوف پارس دايو، ، حسين سارنگ، مختيار جاگيراڻي،عرفان رڪ،وشنو جمراڻي ابراھيم صالح مگرئي ، فهد ملڪ، محمد سليم دايو، مدثر نور ماجد سمون، ، ، فدا حسين شاه، ابراهيم صالح محمد، ۽ ٻيا ڪافي دوست به آن لائين ٿيا هئا، جن پنھنجي شاعري پيش ڪئي

1 comment: