ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو


سليمان وساڻ جي نمائنده تصوير


شامل ٿيڻ جي تاريخ
Oct 2009
ماڳ
سچل ڳوٺ ، ڪراچي
تحريرون
4,596
موضوعَ
922

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبوڪ پاران ڪرايل ٻيو عالمي آنلائين سنڌي مشاعرو

Click here to enlarge


سنڌي ادبي ايسوسئيشن فيسبوڪ جي سيڪريٽري جنرل محترم ذوالفقار بهڻ جي ڪوششن سان 30 جولاء جي رات جو ساڍي ڏهين وڳي کان رات دير تائين فيس بوڪ جي سنڌي ادبي ايسوسئيشن فيسبوڪ چيٽ روم تي ٻئي عالمي آنلائين مشاعري جو انعقاد ڪيو ويو. هن مشاعري ۾ پاڪستان، هندستان، دبئي، ڪئناڊا، سعودي عرب، سنگاپور ۽ ڪئناڊا کان علاوهه دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي شاعرن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. ٽيڪنالاجي جي جديد تقاضائن کي نظر ۾ رکندي هن مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو هو. هن مشاعري ۾ صدارتي پينل مان سنڌي ٻولي جو خوبصورت شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ هندستان جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پونا والا ، محترم هدايت بلوچ ٻئي آن لائين عالمي سنڌي مشاعري ۾ موجود رھيا ۽ شاعري پيش ڪندڙن کي وقتن بوقت داد ڏيندارھيا.

جڏھن ته بجليءَ جي عدم دستيابي ڪري نالي وارو ليکڪ شاعر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ براھ راست مشاعري ۾ شرڪت نه ڪري سگھيو تڏھن به ھن صاف جي وال تي پنھنجي شرڪت نه ڪرڻ جي مجبوري کان صاف انتظاميه کي آگاھ ڪيو. ھن عالمي مشاعري کي جديد سنڌي ادب لاء ھڪ تاريخي موقعو ڪوٺيو، سنڌي شاعرائن جي نمائنده شاعره رخسانه پريت پڻ ٽيڪنيڪل مسئلي ڪري مشاعري ۾ شريڪ نه ٿي سگھي ، ھي مشاعرو رات دير تائين جاري رھيو.

مشاعري جي ڪاروائي پاڪستان مان محمد سليمان وساڻ، جده مان صغير جتوئي، عراق مان علي ظفر ۽ مڪه مان نثار ابڙو هلائي رهيا هئا. شاعرن جڏهن پنهنجي شاعري پيش ڪئي ته هنن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪئي وئي. محترم جبار بوزدار پيش ڪيل شاعريء کي سنڌ ميگ جي ويبسائيٽ تي آنلائين اپڊيٽ ڪندو رهيو. محترم اقبال ترين آمريڪا مان خاص طور هن مشاعري ۾ حصو ورتو ۽ شاعرن جي همت افزائي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪندي غزل، گيت، وائي، نثري نظم، هائيڪا، ٽيڙو ۽ شاعريء جون مختلف صنفون پيش ڪيون ۽ داد حاصل ڪيو.

ان موقعي تي مختلف شاعر دوستن پاران پيش ڪيل شاعري هيٺ پيش ڪجي ٿي:


شاعري : سائين غلام مرتضى شاهه

دور دلبر وٿي وار ناهي
هو ڪٿي ڀي رهي ڌار ناهي

واس هن جو آ منهنجي رڳن ۾ 
روح منهنجي کي ٻي تار ناهي

عمر ساري ڪيم پيار جنهن سان
تنهن جهڙو ڪو دلدار ناهي 

هو سچو آ ڪچو مان سدائين 
هن جهڙو ڪو ڍڪڻ هار ناهي

هو ڀلي پيو کٽي روز مونکان 
هار منهنجي ڀي ڪا هار ناهي

زندگي زندگي ٿي وئي جو 
منهنجو مونکان پري يار ناهي

بي رنگي آ رنگ مرتضى شاهه
هن جي جلون جو حد پار ناهي 

.......................

شاعري : مجيب ڪورائي

او منهنجا راڻا او منهنجا راڻا
پيار ۾ ڪباهن ايڏا نه ماڻا

آءُ ته گڏجي گهاريون اسان ٻئي
ها ! شام جا سهڻا مٺڙا ٽاڻا

نفرت مون وٽ ٿوري به ناهي
پيار سوا نٿو ڪجه ڀي ڄاڻا

تون به مون سان پيار اچي ڪر
ڪيان پيو توکي مان عرض نماڻا

منهنجو توسان پيارو پيار آ
جذبا مجيب جا ٿيندا نه ساڻا


.......................

غزل : ناصر جمال پٺاڻ

ڪر هوش ديوانا دنيا ۾ دنيا ته عجائب خانو آ
ڪيڏو ته نشو آ دنيا جو ڪيڏو وڏو مئخانو آ

هڪ مئه مچائي مستي آ مٿان نيڻن جو نذرانو آ
ڪو ڪيئن بچائي دامن کي هر ساقي وٽ پيمانو آ

ڇلڪن ٿا هتي اڄ جام ڀريا مستي ۾ متل ميخانو آ
ڇا مڌهوشيء جو عالم آ مڌهوش هت هر مستانو آ

ڪوئي نه سڃاڻي ڪنهن کي ٿو هر هڪ هت بيگانو آ
بيگانن جي هن دنيا ۾ پنهنجو بھ ڄڻ انجانو آ

جهومن ٿا سڀئي رند هتي واعدا وساري توبھ جا
آثار قيامت جا ناصر ڪيڏي هلي ويو چال زمانو آ

.......................

غزل : شير مهراڻي

پاڻ کي پاڻ پست حال ڪري ويٺي آ 
هو وفائن کي يرغمال ڪري ويٺي آ 

سوين نظرن جي اڀرائي جو مرڪز بڻجي 
پاڻ کي سونهن به خيال ڪرائي ويٺِي آ 

ور پهنجي کي منجي جنگ جي ميدان ڏانهن 
هر امانت جو سندس خيال ڪاري ويٺي آ

.......................

غزل : ملهار چانڊيو

نيڻ يا مئڪدا !
ڇو ٿڙن هوش ٿا؟

واٽ ڪهڙي وٺون ؟
هر طرف ڌنڌ آ

کوڙ ماڻهون مگر 
ماڻهپو لاپته

هاڻ ڄاتو اسان 
پيار آهي خطا

سنڌ ئي سنڌ آ
ابتدا، انتها ! 
.......................

غزل : رضا بخاري

اکين ۾ آس جا ڳوڙها
پڪي وشواس جا ڳوڙها

پٿر کي ڀي پِگهاري ويا
ٻه ٽي احساس جا ڳوڙها

اڌوري عڪسَ جي پيڙا
ٽُٽل ڪئنواس جا ڳوڙها

ڪتب خاني کي حاصل ٿيا
رُڳو اتهاس جا ڳوڙها

سزا ماڻي ته هُو مُرڪيو
ٽِميا ڇو ٽياس جا ڳوڙها؟ 


..............................................

غزل : مبارڪ لاشاري

سڄي زندگي اوهان جون اکيون،
ڪريان بندگي اوهان جون اکيون.

اکين جي جاڳ ۾ اوهان ئي هيئو
جيئن ئي اک لڳي اوهان جون اکيون.

مان تاريخ جي ميوزيم ۾ چپ رکي ڇڏيم
وٺن جي چمي اوهان جون اکيون.

سڄو نور ۽ فطرت جو نور آهن
۽ منهنجي سَکي اوهان جون اکيون.

.................................

پرڪاش سيوڪ آهوجا


منجهيل منجهيل منجهيل،
دل دماغ تان من منجهيل.
واعدن سان وڪوڙيل چوٽي وار منجهيل،
عشق جي بيوفائي سان عاشق يار منجهيل.
درد آهن غم ۾ ٻوڙو ٻار منجهيل،
اسپتال ۾ آ هر بيمار منجهيل،
هيڊ، مرچ، ڌاڻا، لونگ، دال ڪاري،
ڪٽ آهن ضرب ۾ جاني جو هي منجهيل،
ڪيئن هلي هرڪو، ڪيئن هلي چرخو،
برما، وشنو، مهيش آ منجهيل،
گند گهڙيل گرو گانا ملن ٿا هت،
سر، سنديش ۾ سيوڪ منجهيل،
برف ڳري ندين رستو آ بدليو،
شيطاني دماغ ۾ قيامت منجهيل،
سڀ جا تڪيل منهن آهن مايا ۾ هت،
شرير مان نڪرڻ لاءِ ساهه منجهيل،
اهو هرڪو ڦاسي هن دنيا ۾ ڪڙو،
مڪڙي آ ڄار ۾ پرڪاش منجهيل.


غزل : مزمل چانڊيو

آيا مونکي خيال هي تنهنجا
هرڻي جهڙا ڇال هي تنهنجا

اکين آڏو ٿا گذري وڃن
جوت جهڙا بس جمال هي تنهنجا

ڇو ٿو ڇاهين ايڏو مونکي
اڳيان ڦرن ٿا سوال هي تنهنجا

روز ڏسڻ سان خون ڪرين ٿو
روز نوان ڪي ڪمال هي تنهجا

ناهي ڪوئي مٽ ثاني تنهنجو
رڳو ڏيان مان مثال هي تنهنجا


.................................

غزل : خادم سبحان ڏاڏاهي

توکي ڏسڻ لاء اکيون التجائون ڪنديون رهيون
پل پل تڪيندي راهون، صدائون ڪنديون رهيون

توکي پسي پرين جي. جيئنديون رهيون سدائين
سجدن سُڏڪِي تولاءِ، دعائون ڪنديون رهيون

سنڌ جان لڳين ٿي سُهڻِي، اجرڪ جو چولو پهري
مخمور مست من کي،ادائون ڪنديون رهيون

ويڙهيل وار ڪُلهن تي،کولي ڇڏڻ کان پوءِ
واهه واهه ويندي ويندي، گهٽائون ڪنديون ويون

ننڊ ۾ به جاڳندي مون يادون تنهنجون ڏٺيون
هر حال ۾ هميشه، وفائون ڪنديو رهيون

تنهنجو حُڪم ته هاڻي، اکيون کَڄَن نه مونڏانهن
هر هر نهاري تو ڏي، خطائون ڪنديون رهيون

خود سان ڪري بغاوت، خادمَ ڪيون ٿي آزيون
اعتراض ڪئين هزارين،انائون ڪنديون رهيون

................................

شاعر : رضا صديق کيبرائي

خواب لٽائي ويٺو آ ڪو 
پور پچائي ويٺو آڪو

ڪنهنجي اک جي ڪُنَ ۾ ڦاسي 
پاڻ وڃائي ويٺو آڪو

زخمن کي ترتيب ڏئي ٿو 
سور سجائي ويٺو آڪو 

عشق کي سمجهي ڪونه سگهيو آ
نانگ نپائي ويٺو آڪو

سون ۾ توري ڪنهن جا جذبا
روح رنجائي ويٺو آڪو

آڌي رات جو پين پني جي 
ننڊ ڦٽائي ويٺو آڪو

آس اچڻ جي ناهي ”رضا“ پر
ديپ جلائي ويٺو آڪو 

....................

غزل : دلشاد ڪانڌڙو

ها مان منهنجن تنهاين سان جڳ سارو گڏ ساٿين سان 
۽مان منهنجن تنهاين سان ير مان منهنجن تنهاين سان 

ڏور پري ڏ س ڀونر ڀري، ٿو ڪنهن ساٿيءَ لاءِ ڦري 
آ رنگ برنگي لاتين سان، مان منهنجن تنهاين سان 

وينگس ٿا پل پل ڳل ڇهن ،۽ سونهن کي ٿا يرڪتڪائن 
آ هن جوپنهنجن پيارن سان، ير مان منهنجن تنهاين سان 

هي سهڻي سهڻي سندر هوا، ڄامشوري جي وڻندڙ هوا 
ٿي توبن ماري ڪا تين سان، ۽مان منهنجن تنهاين سان 

سونهن تنهنجي ساٺ ڪري، مومل طلسم ڀي ماٺ ڪري 
عاشق ماريل ڀوراين سان، ۽ مان منهنجن تنهاين سان 

تولاء ڪنهن در فرياد ڪري، دلشاد توکي رات ياد ڪري 
ويٺو روئي چنڊ تارن سان،۽ مان منهنجن تنهاين سان 

ها مان منهنجن تنهاين سان، جڳ سارو گڏ ساٿين سان 
۽ مان منهنجن تنهاين سان ،ير مان منهنجن تنهاين سان
....................

غزل : هدايت بلوچ

چـنڊ جي روشــني آهـي ڪـيڏي مَڌ م
هــور ڙيان ، هـور ڙيان کـڻندي آ تون قد م

تنهنجي هٻڪار تي لوڪ ننڊون ڪري
پوئي کلندو ڀلا ڪيئن پنهنجو ڀرم

تون جو باکاٽڙي ٿي اچين باغ ۾
تنهنجو گلشن تي ڪيڏو نه آهي ڪرم

آ ته ريتن جا زنجير ٽوڙي ڇڏيون
تون ۽ مان گڏ هجون پوئي ڇا جو آ غم

اڄ وري تنهنجي نينن ۾ هي نير ڇو
هاء ڪيڏا گرم هاء ڪيڏا گرم

منهنجي کهرن هٿن ۾ ملائين ٿي هٿ
هائي ڪيڏا نرم هائي ڪيڏا نرم


....................

غزل : ساجد سنڌي

هر خوشي مون کان کسي ٿئي، اي خوشي تو ڇا ڏنو.
زندگيءَ کي، زندگي ڀر، زندگي ! تو ڇا ڏنو.

آهه زاري، پنڌ واري، پير ننگا، سج تتل،
لڙڪ لارون، بيقراري، عاشقي ! تو ڇا ڏنو.

تو پٺيان توکي وڃائي، مون وڃايو پاڻ کي،
رات ساري، آ انڌاري، روشني ! تو ڇا ڏنو،

اک ڪٽوري مئڪدي ۾، مئه پڄاڻان ڪنهن کنئي،
هوش ۾ مئنوش ناهن، مئڪشي ! تو ڇا ڏنو.

پيار هو پنهنجو اثاثو، پيار ئي پايو مگر،
جڳ لٽيرو سڀ لٽي ويو، سادگي ! تو ڇا ڏنو.

وارَ کولي، وارَ ڪر، هر وارِ خالي وارُ ڇو،
مان به ماندو هان مرڻ لئه، او مَٺي ! تو ڇا ڏنو.

سور، سپنا ساڻ ”ساجد“ سار، سوچون، آسرا.
پين، ڪاغذ، پيٽ خالي، شاعري ! تو ڇا ڏنو.

..................................................

شاعر : علي چوهاڻ کيبرائي

اوچتواوچتو 

ننڊ آئي وئي 
خواب لٽجي ويا 
اوچتو اوچتو 

سونهن ڌرتي مٿان 
شعر لکجي ويا 
اوچتو اوچتو 

پيار پڌرو ٿيو 
يار شڪجي ويا 
اوچتو اوچتو 

ڀيل تان چانهن تان 
ڪنڌ ڪپجي ويا 
اوچتو اوچتو 

مال دولت وڌي 
عيب ڍڪجي ويا 
اوچتو اوچتو 

گهر خدا جي ويس 
درد گهٽجي ويا 
اوچتو اوچتو 

لب ۽ لالي ”علي“ 
رنگ گڏجي ويا 
اوچتواوچتو 

.......................

شاعري : عقيل راهمون

اويلي وقت تي ويندڙ او ڪويليو
پنهنجي سکي کي چئجو 
منهنجا نظم اگهاڙا آهن 
تنهنجي ڇاتي مياڻي جهڙي 
منهجا چپ هوشو جهڙا 
تون جي ڪولهڻ ٿي ايندي 
مان سارو ننگر ٿي پوندس 
او ڪويليو هن کي چئجو
منهنجا نظم اگهاڙا آهن 
تون پاڪيزه تفسيرن جئين
مان اگهاڙي تصويرن جئين 
ڪافر وستي وستي هوندي
تنهنجي مرڪ مسلم جهڙي
منهنجا لفظ سارا شرابي 
او ڪويليو سکي هن کي چئجو
وار وڇاڻا هاڻي نه ٺاهي 
مسجد مندر سارا ڊاهي 
يادون ڀٽ جي ڀر۾ پوري

...۔۔۔

ڪنهن ڪتبي تي منهنجو نانءَ اڪاري
منهجو سارون مٺيون
جيڪو خواب بسيرت ۾ 
گناهن جا جهول ڀري توکي ڏنا 
تنهجي مدهم ساهن تي جيڪو خيال اٿيا
سارا خيال شرابي ٿيا
سارا نظم اگهاڙا ٿيا
تون ميران جهڙي آهين 
مان تنبور تنهنجو آهيان 
جئين وڃائين تئين وڃان 
او ڪويليو سکي کي چئجو
تون برهمڻ مان شرابي 
تنهنجو آسڻ آهي مندر 
منهنجو آسڻ تنهنجا سپنا
تون برهمڻ مان شرابي 
او ڪويليو هن کي چئجو 
سارا سپنا تنهنجي شاعر
درد کي وڪڻي آهن ڇڏيا
بکر منهنجو هڪڙو آهي 
سارا نظم اگهاڙا آهن

..................................

شاعري: عمران درويش سومرو

ياد تنهنجي ٿي روئاري بي وفا ڏس ڇا ڪيان
هيانءَ منهنجي کي ٿي ڳاري بي وفا ڏس ڇا ڪيان؟

هر طرف تنهنجون نشانيون مون اڳيان وکريل آهن!
بس تڪيان ٿو لڙڪ هاري، ٻيو ڀلا ڏس ڇا ڪيان؟

زندگيءَ جا رنگ سارا پاڻ سان گڏ وئيڻ کڻي
منٿ توکي، ميڙ توکي، آءَ واپس ڇا ڪيان؟

آ جدائي سور اهڙو، زندگي ناسور ٿي
تو سواءِ، آئون زنده لاش آن بس ڇا ڪيان؟

آ ڏکيو درويش ڏاڍو لفظ ڇا نروار ڪن؟
تون اچين يا موت ماري، آهيان بي ڪس ڇا ڪيان.


...............................

شاعر : هدايت بلوچ

مان به ڏکايل... تون به ڏکايل... 
هي به ڏکايل... هو به ڏکايل... 
سارو ڏيھ ڏکارو آهي.... 
جيون پوء به پيارو آهي ...

........................

شاعري : آزاد آخوند

هـڪڙو ننـــڍڙو گــــــــيت لکان
تنهن ۾تنهنجي پريت لـــــکان

جــڏهن به مان قلم کڻــــــــان
تـــوکـــي مــــــٺڙو ميــت لکان 

تـنـهـنـجــي هــر هڪ وک تي
ســــرن جي ســـــنگيت لکان

نفــــرت کي ڏئي مــــان هـــار 
مــحبت جـــي ٿو جـــيت لکان

پيار کي ڪو پاپ نه سمجهي
اهـــــڙي ڪــائي ريـــت لــکان


.........................

سنڌي نور : نثري نظم


اڄ مون پاڻ کي ڳولي لهڻ جو وچن ڪيو

نگري نگري
وستي ۾ آڻ ڄاڻ
رستن ۾
ڪنهن نه ڄاتل 
صحرائن ۾
ڳوليندي رهيس

پرنه مليس
سوچون اينديون رهيون
ته مان ڪڏهن
گم ٿيس ۽ ڇو

منهنجا سوال
مون سان
گڏ هئا پنڌ ۾
شايد اسان جو
سفر اڻ کٽ هو
پر ڪنهن وڻ جي
ڇانوري ۾ پاڻ کي 
محسوس ڪيم
اري!.. مان هت
ڪئين آيس
خبر نه پئي 
سوچم شايد
منهنجو اندر
مون کي هت وٺي
آيو آهي ،،،،
ها هابلڪل

پوء مون پنهنجي
اندر کان پڇيو هت
چيائين توڪير 
مان تنهنجو اندر آهيان
پر تو ته منهنجي 
چوڻ تي هلندو هلندو هوئين
پر مان
تنهنجو غلام نه 
مون چيو
پاڻ ته هميشه گڏ هياسين
پوء مون کان
پنهنجو پاڻ ئي
غم ٿيڻ لڳو
۽ سڀ رهجي ويو
پنهنجو پاڻ
ڳولڻ جي اتساھ مون کان
منهنجو اندر ئي کسي ورتو
ها ! منهنجو اندر ئي کسي ورتو
ها ! منهنجو اندر ئي کسي ورتو

........................

غزل : جبار بوزدار

پيار جا ڪي فسانا ٿي ڳولي
دل ڏکن جا خزانا ٿي ڳولي

مان اڪيلو چريو گهڻو هن لئي
ڇو مگر هوَ زمانا ٿي ڳولي

اک شرابي گلاب چهرو آ
دل چمڻ جا بهانا ٿي ڳولي

اڳ سٺا سور هن گهڻا آهن
خواب هاڻي سهانا ٿي ڳولي

روز جيئان مران ٿو مان جبار
پو به مون لئي نشانا ٿي ڳولي


،،،،،،،،،،،،،،،،،

غزل : علي ظفر

اسان هون سهڻا فقير ماڻهون 
تهنجي نظرن جا اسير ماڻهون 

پيار محبت پرچار اسان جي
محبتن جاهون سفير ماڻهون

محبتن جي موٽ ۾ ڏين ٿا نفرتون
ڏس ته ڪيڏا آهن شرير ماڻهون

هت قدر ڪندو نه تهنجو ڪو ظفر
رهن ٿا هتي سڀ امير ماڻهون


.....................................

شاعري : حيدر دريا زئنر

اوهانجي شهر جون رنگي روشنيون
ڄڻ ڪراچيءَ جون ڳاڙهيون، ڀُوريون ڇوڪريون

انهن روشنين ۾ اسان دل وڃائي
لڌي جي اوهان آ، پوءِ اسان جو خدا آ

انهيءَ شهر جون سئين گليون گول آهن
ڪيون ڪيتريون تن دليون رول آهن

سڄي شهر جون سڀ شرابي بٺيون
اسان پي کپايون، ڀري عشق جون چٽيون

اهو عشق اهڙو،ڄڻ آزادي لئـ جھيڙو
انهيءَ جون اي حيدر ڪري نوڪريون

ڏنيونسين دليون ،ڪڍي روڪڙيون
اوهانجي شهر جون رنگي روشنيون
ڄڻ ڪرا چيءءَ جون ڳاڙهيون، ڀُوريون ڇوڪريون. 

.....................................

شاعري : صغير جتوئي

رات بـ تولئـ گيت لکيو مون
توکي پنهنجو ميت لکيو مون

تو جيتيو ڄڻ مون ئي جيتيو
هار کي ڀانئي جيت لکيو مون

ڪو ڪافر ڪوٺي تـ ڪوٺڻ ڏي 
تو گهر کي مسيت لکيو مون

جي ڪيئي جفائون تن کي پيارا
روئي هو نئين ريت لکيو مون

صغير پوئي لڙڪ پاند ۾ پنهنجي
سڪ سوز ڀريو سنگيت لکيو مون


.....................................

غزل : اندرا شبنم پوناوالا

ڇو نه ڪو پنهنجا سور سلي،
پر ٿو ڪو همراز کپي.

ڪو پنهنجي دل ڇو نه لٽي،
دلڪش ڪو انداز کپي.

منزل تي پهچي سگهبو،
ان لاء ڪو آغاز کپي.

دل جي تارن کي ڇيڙي،
سوز ڀريو ڪو ساز کپي.

جيئي پيو ٿو هرڪوئي،
جيون تي پر ناز کپي

ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو



ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو
سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ طرفان ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو
وقت
پاڪستاني تاريخ30 جولائي2011 تي رات 10؛30 کان رات دير تائين
مشاعري ۾ شعر پڙھڻ وارا دوست پنھنجي رضامندي کان آگاھ ڪن،
مشاعري جو صدارتي پينل
ناليوارو شاعر ادل سومرو،
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ،
محترمه اندرا شبنم
۽ محترمه رخسانه پريت چنڙ
صاف چيٽ روم اڊريس
Join SAAF 1 Link
https://www.facebook.com/g​roups/201170849910074?ap=1
Join SAAF Group link
https://www.facebook.com/g​roups/141282599264853?ap=1
Please visit SAAF Blog
http://sindhiadabiassociat​ionfacebook.blogspot.com/

نوٽ؛ شعر پڙھن وارن دوستن ياان وقت چيٽ روم ۾ موجود دوستن کي منتظم/ ڪاروائي ھلائڻ وارن دوستن جي ھدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو
ھر ھڪ شاعرصرف پنھنجي ھڪ تخليق مشاعري ۾ پيش ڪري سگھندو
شرڪت ڪندڙ مشاعري جي مناسبت سان صرف ھمت افزائي جملا لکندا
خلاف ورزي ڪندڙن کي منتظم صاف چيٽ روم مان ان ئي وقت نيڪالي ڏئي سگھڻ جو حق رکن ٿا.مشاعري کي مختلف ملڪن مان ادبي دوست مانيٽر ڪندا


مشاعري جي ڪاروائي ھلائن واروپينل
1 مهمد سليمان وساڻ
2 صغير جتوئي
3 نثارابڙو
4 علي ظفر

تعزيتي ريفرنس سنڌي اديب ڏاھي ، محقق نبي بخش بلوچ جي ياد ۾

نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي 4ڏينھن سوڳ جو اعلان
تعزيتي ريفرنس 9 اپريل
پاڪستاني ٽائيم رات 9 کان 30؛11
سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ طرفان ناليواروي اديب ، ليکڪ ، تاريخدان ، محقق ، دانشور . سنڌي ٻولي ماھرجڳ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات تي سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ چار ڏينھن ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي،ھن سلسلي ۾ چوٿين ڏينھن يعني 9 اپريل تي تعزيتي ريفرنس صاف گروپ ڪمري/چيٽ روم ۾ رات 9 کان 12 تائين رکيو ويو آھي،سڄي دنيا ۾ رھندڙ سنڌي اديب ۽ ادب دوست ھن تعزيتي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿين.

ابراھيم صالح محمود

محمد سليمان وساڻ

ترجمان

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ https://www.facebook.com/event.php?eid=126407374101310&index=1

پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرورپورٽ

جڏهن کان اليڪٽرونڪ ميڊيا ترقي ڪئي آهن ان ڏينهن کان آهستي آهستي ادبي سرگرميون گهٽجي ويون آهن ، مطلب ڳالهه جو اهو اهي ته اليڪٽرونڪ ميڊيا ادب کي وڏو نقصان پهچايوآھي. جنهن ڪري رسالن جو وڪرو به گهٽجي ويو آهي ۽ ڪافي رسالا ان ڪري بند به ٿي ويا آهن ،جڏهن ته ادبي مشاعرا ، ڪتابن جي مهورت ۽ ٻيا پروگرام پڻ نه ٿيڻ جي برابر آهن
پر تازو ئي انٽرنيٽ ذريعي فيس بڪ تي وري اهي سڀ شيون نئين نموني متعارف ٿيون آهن
فيس بڪ تي هن وقت ادبي پروگرام به عروج تي ٿي رهيا آهن، جيڪو پڻ اسان لاءِ هڪ فائديمند عمل ثابت ٿي رهيو آهي.
تازو ئي فيس بڪ تي جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھڪ منفرد ڪامياب  پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعروڪوٺايو ويو
امن محبت زندھ باد جي عنوان تحت صاف گروپ طرفان14 فيبروري تي ويلنٽائين ڏھاڙي جي مناسبت سان پاڪستاني وقت رات9بجي کان12بجي تائينھي مشاعرو ڪوٺايو ويو ، فيس بڪ جي استعمال ڪندڙن سڄي دينا جي سنڌي اديبن جي تمام وڏي انگھن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، صاف ھن مشاعري جو انتظام ڪيو ھو، جيتوڻيڪ ھي ادب جي تاريخ ۾ پھريونتجربو ھو۽ ھن قسم جو عالمي مشاعرو ھڪ سٺو سنوڻ پڻ ھو،
ھن منفرد مشاعري جي انفراديت ھن ڪري به ھئي ته ادب سان شاعري سان ذوق رکندڙن سنڌين  وڏي انگ ۾  پنھنجي گھر جي ڪمرن مان ويھي شرڪت ڪئي ۽ مشاعري ۾ حصو ورتو.
ھي مشاعرو ذوالفقاربھڻ ڊزائين ڪيو ھو،مشاعرو ڊزائين ڪندڙ جو چوڻ ھو ته ھن مشاعري تي ڪو به خرچ نه آيو آھي،
مشاعري کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ تقريبن 10 چڻن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي ھئي.جن جو تعلق مختلف ملڪن سان ھو،ھن  مشاعري جي ڪاروائي سعودي عرب مان شاعر ۽ ڪھاڻي نويس نثار احمد ابڙو۽ ڪراچي مان سليمان وساڻ ھلائي رھيا ھئا.،
ھن منفرد عالمي مشاعري جي صدارت لاءِ چارنالن جو اعلان ڪيو ويو ھو جن ۾سنڌ مان شاعرشمشيرالحيدري ۽ ھدايت بلوچ جڏھن ته ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ومي سدرآگناڻي .جڏھن ته مشاعري جي ٻن شاعرن ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ سنڌ مان شاعرھدايت بلوچ صدارت ڪئي.مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن ھن قسم جي مشاعري جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي.
جن شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي انھن ۾
ڪجه نالا هي آهن..اندراشبنم پوناوالا ،ھدايت بلوچ،امر پير زادو، نثار احمد ناز،رخسانه پريت چنڙ،رضوان گل، ذوالفقار بهڻ، امداد سهتو،نند ڪُمار سنمُکاڻي، (نرمل کوهارو)، جبار بوزدار، ساجد سنڌي، آغا مشتاق ،شبير ڪنڀر، ملهار چانڊيو، ، نثار احمد ناز، ، وفا سومرو، رئوف پارس دايو، ، حسين سارنگ، مختيار جاگيراڻي،عرفان رڪ،وشنو جمراڻي ابراھيم صالح مگرئي ، فهد ملڪ، محمد سليم دايو، مدثر نور ماجد سمون، ، ، فدا حسين شاه، ابراهيم صالح محمد، ۽ ٻيا ڪافي دوست به آن لائين ٿيا هئا، جن پنھنجي شاعري پيش ڪئي

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جا پاس ٿيل ٺھراء

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ پڌرنامو

 

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي تاريخ ساز گڌجاڻي جيڪا آرٽس ڪراچي ۾ ناليواري شاعر ھدايت بلوچ جي صدارت ۾ ٿي گذري ھن ۾ ھيٺيان فيصلا ٿيا
تنظيم جو نالوسنڌي ادبي فيس بوڪ رھندو
خالص ادبي ۽ ادب دوست تنظيم طور ڪم ڪندي،غير سياسي/سيڪيولر بنيادن طور ڪم ڪندي.SAAF
سنڌي ٻولي۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندي
ايسوسيشن جي آفيشل ٻولي سنڌي(رومن/ھندي لپي) ۽انگريزي ھوندي.
دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ڪڙڇ جوسان تعلق رکندڙسنڌي اديب ۽ ادب دوست سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ
جو ميمبر/عھديدار ٿي سگھي ٿو.
ايسوسيشن جو پليٽ فارم انٽرنيٽ ۽گراس روٽ عوام رھندو.
ايسوسيشن مختلف وقتن تي آن لائين ۽ مختلف ملڪن جي شھرن ۾ سيمينار،ورڪشاپ،ڪانفرنس۽ ايوارڊ پروگرام ڪرائيندي.
گروپ ۾ غير سنجيدھ ماڻھن کي گروپ مان خارج ۽ دل آزاري وارو مواد خارج ڪرڻ جو حق رکي ٿي،
ميمبرن کي گذارش آھي غير سنجيدھ دوستن کي گروپ ۾ شامل ڪرڻ کان پاسو ڪن،ڀڃڪڙي ڪندڙن جي سندن به ميمبرشپ خارج ٿي سگھي ٿي.
ماھوار مئگزين صاف نالي سان آن لائين شايع ڪيو ويندو

ابراھيم صالح محمد
محمد سليمان وساڻ 
SAAFترجمان

 

 سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جي تاريخ ساز گڏجاڻي ۾ کاٻي پاسي کان ابراھيم صالح ھنڱورو،ادل سولنگي،سليمان وساڻ،ضياءَ ابڙو
آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ويٺل

 سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جي تاريخ ساز گڏجاڻي ۾ ساڄي پاسي کان ابراھيم صالح ھنڱورو،ادل سولنگي،ھدايت بلوچ ،ذوالفقاربھڻ،سليمان ۽ جوکيو شفيق احمد
آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ گروپ فوٽو

 سنڌي ادبي ايسوسيشن جي تاريخ ساز گڏجاڻي جي رپورٽ سنڌي
اخبارن
1. عوامي آواز8فيبروري

ھلال پاڪستان

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جو مقصد


سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جا احوال

اعلان

دوستو!!!!!!!!!!!
مشاعرو امن محبت زنده باد
صاف گروپ طرفان فيس بڪ تي پھرئين آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعري جي مڪمل ڪاروائي لاءِ مشاعري
ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو آھي ته ڪھاڻيڪار،اديب محترم نثار احمد ابڙومشاعري جي ڪاروائي ھلائيندو،
ساڻس گڏ ھيٺيان دوست پڻ ھوندا
ابراھيم صالح
رضوان گل
امداد سھتو
سليمان وساڻ


نوٽ؛ دوست وقت جي پابنديءَ جو خيال رکن
رات 9 کان 12 پاڪستاني ٽائيم مطابق
14 فيبروري

پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ


عنوان؛امن محبت زندھ باد ( پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو)
ويلنتائين ڏينھن مناسبت سان                                              ڊائريڪشن/خيال؛ذوالفقاربھڻ


تاريخ؛ 14 فيبروي 2011
ٽائيم؛ پاڪستاني رات 9بجي کان 12 تائين


ساٿيو


  جيئن ته اوھان کي خبر آھي ته سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ پنھنجو عملي ڪم شروع ڪري... ڏنو آھي. 
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پھريون ڀيروآن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو پھريون قدم

ضابطه اخلاق؛
  صرف پنھنجي شاعريمشاعري ۾ لکي۽ شيئر ڪئي ويندي
مشاعرو پڙھندڙ پنھنجو مڪمل تعارف لکندو
پنھنجو مواد چيٽ روم ۾ لکندو،وال تي به ونڊيندو
چيٽ روم ۾ موجود سڀ ساٿي شعر پڙھندڙ جي ھمت افزائي جملا لکڻ چاھين ته لکي سگھن ٿا.
صدارت ڪندڙ،شعر پڙھندڙ جي ھمت افزائي لاجملو ضرور لکندو.اُھو ڀلي صرفھڪ اکر،(واھ) ڇو نه ھجي.
غير سنجيدھ گفتگو لکندڙ ميمبر کي ايڊمنسٽر ٻاھر ڪڊي سگھي ٿو

نوٽ؛سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي ڪوٺ آھي ته جيڪڏھن ھن عالمي مشاعري ۾ شعر پڙھڻ چاھين ٿاته ھن وال تي اطلاع ڏين،حتمي شاعرن جي فھرست 12 فيبروري تي سليڪشن ڪميٽي جي منظوري بعد وال تي لڳائي ويندي،12 تارخ کان پوءِ ڪنھن به دوست کي شعر پڙھڻ لاءِ رجسٽر نه ڪيو ويندو.
ڪاميٽي نمبر1

10ميمبرن تي مشتمل
ڪم؛ مشاعرو پڙھندڙن ۽ صدارتي ٻن نالن جو
چونڊڻ
1.Ahmad Makhdoom
2.Imdad Sahito
3.Hidayat Baloch
4.Indra poonavala
5.Drbalram Tahiliani
6Ibrahim Salih
7 Ihsaan Danish
8 Vishnu Jairmani
9 Irfan Abassi
10


ڪاميٽي نمبر2


ڪاميٽي نمبر
6ميمبرن تي مشتمل
ميڊيٽرس جو ڪم ڪاروائي ھلائڻ،ھنن جي اعلان کان پوءِ ئي ٻيو شاعر پنھنجو شعر ڃيٽ روم ۾ وال تي لکندو.۽ لنڪ پڻ ڏيندو
پينل
1.Suleman wassan
2.Raouf Paras dayo
3.Rizwan Gul
4.Nisar Abro
5.Shafiq Ahmed Jokhio
6.Zulfiqar Behan

اعلان

اچو ته سنڌي لکڻ سکون آن لائين براھ راست ورڪشاپ


سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ

اچو ته سنڌي لکڻ سکون
سنڌيادبي ايسوسيشن فيس بڪ جي ھڪ وک اڳتي

انفارميشن ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ سٻاجھڙن سنڌين لاءِ پھريون آن لائين براھ راست ورڪشاپ
...عنوان؛ اچو ته سنڌي لکڻ سکون
ورڪشاپ ڊزائين؛ذوالفقاربھڻ
تاريخ؛12 مارچ 2011
ٽائيم؛ پاڪستاني رات 9 کان رات 12 تائين
نوٽ؛ھي ورڪشاپ ھڪ ئي وقت 10 ريسورس پرسنس مختلف ملڪن مان ھلائيندا.
ھن ورڪشاپ ۾ شريڪت ڪرڻ وارا سنڌي لکڻ/سافٽ ويئر جي انسٽاليشن ۽ سنڌي لکڻ ۾ ھر قسم جي پيس ايندڙ مسئلن جا بروقت جواب ۽ مدد حاصل ڪري سگھندا،
دوستن کي نماڻي وينتي آھي ته تاريخ /ٽائيم تي صاف چيٽ روم/ڪچھري ڪمري ۾ موجود ھجن.


Resource Persons

Muhammad Suleman Wassan
Nisar Ahmed Abro
Imdad Sahito
Jabbar Bozdar
Ashique Solangi
Nisar Ahmed Naz
Ashique Solangi
And others


سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جا اعلان


سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جا عھديدار

THIS IS THE IST PHASE OF THIS GROUP, ANY WRITER OF SINDHI ADAB CAN JOIN THIS GROUP AND SHARE OWN WRITINGS FOR POSITIVE CRITICS.

The First meeting of the the Organizing Committee have unanimously selected the following Body of the SAAF:-
Founder SAAF.....Imdad Sahito
Chair Person: .......... Mr.Hidayat Baloch.
Secretary General: Mr.Zulfiqar Behan.
Spokes Person SAAF: Mr.Ibrahim Saleh Mohammad.
Co-Spokes Person: Mr.M.Suleman Wassan.
Members Organizing Committee:-

1.Mr.Irfan Abbasi.
2.Indra Poonawala
3. Mr.Raufparas Dayo
4.Mr.Adal Solangi.
5.Mr.Rizwan Gul.
6. Saghir Jatoi


                         Founder SAAF.....Imdad Sahito

           Chair Person: .......... Mr.Hidayat Baloch

              .Secretary General: Mr.Zulfiqar Behan.

             Spokes Person SAAF: Mr.Ibrahim Saleh Mohammad.

                Co-Spokes Person: Mr.M.Suleman Wassan.

              Member Organizing Committee:-Irfan Abbasi

                 Member Organizing Committee:Indra Poonawala


                 Member Organizing Committee:Mr.Raufparas Dayo
                               
                      Member Organizing Committee:Rizwan Gul
Saghir Jatoi
Saghir Jatoi 

                Member Organizing Committee:Wahid Soomro