سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيشن ساوا جو پريس رليز
*************************************
سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيشن پنھنجون عملي سرگرميون سروع ڪري ڇڏيون آھن ، ساواجو سفر صاف کان شروع ٿيو ھو، اڄ ھيءَ خالص ادبي تنّيظيم عالمي سنڌي ادبي طور پنھنجو سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آھن. ھن ادبي تنظيم جو مک مقصد ۽ موٽو ھي آھي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي ڏيارڻ ۽سنڌي اديبن کي ھڪ ٻئي جي ويجھي آڻن .اھڙن خيلن جو اظھار ساوا جي مرڪزي چيئرپرسن 14 نومبر 2013 تي پونا انڊيا ۾ ٿيل مشاعري ۾ ڪيو.
ھن م سنڌي مشاعري ۾ ھند جي ناليوران سنڌي اديبن شرڪت ڪئي جن ۾ گوڌن گھايل شرما،پرڪاش سيوڪ آھوجا،ڊاڪٽر نيلم ڇابريا،ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا،شرمتي پريا بجلاڻي،ڊاڪٽر شيام ڀاٽيا،ڊاڪٽر منوھر مٽلاڻي،ڊاڪٽر ڪاجل رامچنداڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن پنھجي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو ھن موقعي تي ساوا جي انڊيا جي آرگنائيزر پرڪاش سيوڪ آھوجا ٻڌايو ته سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيشن سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦھلجي رھي آھي.