سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه
سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه

(ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي)
محمد سليمان وساڻ


سنڌي ادبي ايسوسي ايشن فيسبوڪ(صاف) جي پهرين سالگره 6 فيبروري 2012ع تي
ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي تعاون سان ملهائي وئي ۔
تقريب جي صدارت سنڌ جي ناليواري شاعر امداد حسيني ڪئي۔ پروگرام جي ڪمپيئرنگ
ساجد چاڪراڻي ۽ ماريه ڪنول سنڌي ڪئي. ان موقعي تي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ
جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بهڻ تنظيم جي قائم ٿيڻ ۽ ان جي اهميت تي روشني وڌي جڏهن ته تنظيم جي ترجمان سليمان وساڻ هڪ سال اندر ڪيل آنلائين پروگرامن، ورڪشاپس ۽
مشاعرن سان گڏ حاصل ڪيل مقصدن تي ڳالهايو. ان موقعي تي صاف چيئرمين هدايت بلوچ،
عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، سميع بلوچ، اڪبر لغاري، حميد ڀٽو،
آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاه، محمد يونس مهر، اميرزادي لاشاري
سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران ڪيل ادبي خدمتن جي تعريف ڪندي ان ڳالهه
تي به زور ڏنو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا
ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن صحتمند سماجي، تعليمي ۽
ادبي سرگرمين ۾ واڌارو اچي.
ان موقعي تي ٻارڙن سنڌي ثقافت جي رنگين لباس ۾ ٽيبلو پڻ پيش ڪيو، جڏهن ته
سڀني مهمانن جي تاڙين جي گونج ۾ پهرين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
هن تقريب جي ڪاروائي انٽرنيٽ تي سڌو سنئون ٽيليڪاسٽ ٿي رهي هئي
جنهن جو انتظام شنڪر لال ڪيو هو ۽ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ گهوٽڪي ۾
ٿيندڙ ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم پڻ هال ۾ آنلائين ڏيکاري وئي.
هن پروگرام ۾ فيسبوڪ جي سرگرم دوستن کان علاوهه زندگيء جي هر شعبي سان واسطو
رکندڙ ماڻهن حصو ورتو. هن پروگرام ۾ مسرور پيرزادو، آغا پير محمد، ابراھيم صالح ھنڱورو،
مجيب سنڌي ڪورائي، اصغر باغي، سارنگ منير، ساجد چنه، جاويد سومرو، اياز جاني،
نصير سومرو، جاويد سومرو، سونهن راڻي، شبير لاشاري، آصف جهتيال، ذوالفقار واهوچو، شفيق جوکيو، نديم تاج، ممتاز رڏ ، راڳي انور بلوچ، فلم اسٽار وسيم راجه ۽ فلم ڊائريڪٽر مقبول سومرو سميت ڪيترن ئي دوستن شرڪت ڪئي.

سالگرھ تقريب کي براھ راست مختلف ملڪن ۾ ڏٺو ويو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ به آن لائين
شرڪت ڪئي ، هندستان، سنگاپور ، سعودي عرب ۽ عراق ۾ پڻ سنڌي اديبن ۽ شاعرن
ڪراچي جي سالگرھ ويب ڪيم ذريعي ڏٺي. سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي
پهرين سالگرهه هندستان جي شهر پونا ۽ سعودي عرب جي شهر جده ۾ پڻ ملهائي وئي ۽
سالگرهه ڪيڪ ڪاٽيو ويو.






    •  دوستو!
      جيئن ته سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ (صاف) جي پھرين سالگرھ واري تقريب 6 فيبروري سومر ڏينھن پاڪستاني ٽائيم مطابق شام 4 وڳي ممتازمرزا اسٽوڊيو سامھون ايم پي اي ھاسٽل ڪراچي ۾ منعقد ٿي رھي آھي.جنھن موقعي تي سوشل ميڊيا جو ميدان ۽ اسين سنڌي آھي.ھن پروقار تقريب کي مختلف دانشور،اديب ۽ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل شخصيتون خيالن جو اظھار ڪندا. تقريب جي صدارت ناليوارو شاعر امداد حسيني ڪندو.
      اوھان دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.