سنڌي ادبي ايسوسئيشن فيسبوڪ جي سيڪريٽري جنرل محترم ذوالفقار بهڻ جي ڪوششن سان 30 جولاء جي رات جو ساڍي ڏهين وڳي کان رات دير تائين فيس بوڪ جي سنڌي ادبي ايسوسئيشن فيسبوڪ چيٽ روم تي ٻئي عالمي آنلائين مشاعري جو انعقاد ڪيو ويو. هن مشاعري ۾ پاڪستان، هندستان، دبئي، ڪئناڊا، سعودي عرب، سنگاپور ۽ ڪئناڊا کان علاوهه دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي شاعرن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. ٽيڪنالاجي جي جديد تقاضائن کي نظر ۾ رکندي هن مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو هو. هن مشاعري ۾ صدارتي پينل مان سنڌي ٻولي جو خوبصورت شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ هندستان جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پونا والا ، محترم هدايت بلوچ ٻئي آن لائين عالمي سنڌي مشاعري ۾ موجود رھيا ۽ شاعري پيش ڪندڙن کي وقتن بوقت داد ڏيندارھيا.
جڏھن ته بجليءَ جي عدم دستيابي ڪري نالي وارو ليکڪ شاعر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ براھ راست مشاعري ۾ شرڪت نه ڪري سگھيو تڏھن به ھن صاف جي وال تي پنھنجي شرڪت نه ڪرڻ جي مجبوري کان صاف انتظاميه کي آگاھ ڪيو. ھن عالمي مشاعري کي جديد سنڌي ادب لاء ھڪ تاريخي موقعو ڪوٺيو، سنڌي شاعرائن جي نمائنده شاعره رخسانه پريت پڻ ٽيڪنيڪل مسئلي ڪري مشاعري ۾ شريڪ نه ٿي سگھي ، ھي مشاعرو رات دير تائين جاري رھيو.
مشاعري جي ڪاروائي پاڪستان مان محمد سليمان وساڻ، جده مان صغير جتوئي، عراق مان علي ظفر ۽ مڪه مان نثار ابڙو هلائي رهيا هئا. شاعرن جڏهن پنهنجي شاعري پيش ڪئي ته هنن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪئي وئي. محترم جبار بوزدار پيش ڪيل شاعريء کي سنڌ ميگ جي ويبسائيٽ تي آنلائين اپڊيٽ ڪندو رهيو. محترم اقبال ترين آمريڪا مان خاص طور هن مشاعري ۾ حصو ورتو ۽ شاعرن جي همت افزائي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪندي غزل، گيت، وائي، نثري نظم، هائيڪا، ٽيڙو ۽ شاعريء جون مختلف صنفون پيش ڪيون ۽ داد حاصل ڪيو.
ان موقعي تي مختلف شاعر دوستن پاران پيش ڪيل شاعري هيٺ پيش ڪجي ٿي:
شاعري : سائين غلام مرتضى شاهه
دور دلبر وٿي وار ناهي
هو ڪٿي ڀي رهي ڌار ناهي
واس هن جو آ منهنجي رڳن ۾
روح منهنجي کي ٻي تار ناهي
عمر ساري ڪيم پيار جنهن سان
تنهن جهڙو ڪو دلدار ناهي
هو سچو آ ڪچو مان سدائين
هن جهڙو ڪو ڍڪڻ هار ناهي
هو ڀلي پيو کٽي روز مونکان
هار منهنجي ڀي ڪا هار ناهي
زندگي زندگي ٿي وئي جو
منهنجو مونکان پري يار ناهي
بي رنگي آ رنگ مرتضى شاهه
هن جي جلون جو حد پار ناهي
.......................
شاعري : مجيب ڪورائي
او منهنجا راڻا او منهنجا راڻا
پيار ۾ ڪباهن ايڏا نه ماڻا
آءُ ته گڏجي گهاريون اسان ٻئي
ها ! شام جا سهڻا مٺڙا ٽاڻا
نفرت مون وٽ ٿوري به ناهي
پيار سوا نٿو ڪجه ڀي ڄاڻا
تون به مون سان پيار اچي ڪر
ڪيان پيو توکي مان عرض نماڻا
منهنجو توسان پيارو پيار آ
جذبا مجيب جا ٿيندا نه ساڻا
.......................
غزل : ناصر جمال پٺاڻ
ڪر هوش ديوانا دنيا ۾ دنيا ته عجائب خانو آ
ڪيڏو ته نشو آ دنيا جو ڪيڏو وڏو مئخانو آ
هڪ مئه مچائي مستي آ مٿان نيڻن جو نذرانو آ
ڪو ڪيئن بچائي دامن کي هر ساقي وٽ پيمانو آ
ڇلڪن ٿا هتي اڄ جام ڀريا مستي ۾ متل ميخانو آ
ڇا مڌهوشيء جو عالم آ مڌهوش هت هر مستانو آ
ڪوئي نه سڃاڻي ڪنهن کي ٿو هر هڪ هت بيگانو آ
بيگانن جي هن دنيا ۾ پنهنجو بھ ڄڻ انجانو آ
جهومن ٿا سڀئي رند هتي واعدا وساري توبھ جا
آثار قيامت جا ناصر ڪيڏي هلي ويو چال زمانو آ
.......................
غزل : شير مهراڻي
پاڻ کي پاڻ پست حال ڪري ويٺي آ
هو وفائن کي يرغمال ڪري ويٺي آ
سوين نظرن جي اڀرائي جو مرڪز بڻجي
پاڻ کي سونهن به خيال ڪرائي ويٺِي آ
ور پهنجي کي منجي جنگ جي ميدان ڏانهن
هر امانت جو سندس خيال ڪاري ويٺي آ
.......................
غزل : ملهار چانڊيو
نيڻ يا مئڪدا !
ڇو ٿڙن هوش ٿا؟
واٽ ڪهڙي وٺون ؟
هر طرف ڌنڌ آ
کوڙ ماڻهون مگر
ماڻهپو لاپته
هاڻ ڄاتو اسان
پيار آهي خطا
سنڌ ئي سنڌ آ
ابتدا، انتها !
.......................
غزل : رضا بخاري
اکين ۾ آس جا ڳوڙها
پڪي وشواس جا ڳوڙها
پٿر کي ڀي پِگهاري ويا
ٻه ٽي احساس جا ڳوڙها
اڌوري عڪسَ جي پيڙا
ٽُٽل ڪئنواس جا ڳوڙها
ڪتب خاني کي حاصل ٿيا
رُڳو اتهاس جا ڳوڙها
سزا ماڻي ته هُو مُرڪيو
ٽِميا ڇو ٽياس جا ڳوڙها؟
..............................................
غزل : مبارڪ لاشاري
سڄي زندگي اوهان جون اکيون،
ڪريان بندگي اوهان جون اکيون.
اکين جي جاڳ ۾ اوهان ئي هيئو
جيئن ئي اک لڳي اوهان جون اکيون.
مان تاريخ جي ميوزيم ۾ چپ رکي ڇڏيم
وٺن جي چمي اوهان جون اکيون.
سڄو نور ۽ فطرت جو نور آهن
۽ منهنجي سَکي اوهان جون اکيون.
.................................
منجهيل منجهيل منجهيل،
دل دماغ تان من منجهيل.
واعدن سان وڪوڙيل چوٽي وار منجهيل،
عشق جي بيوفائي سان عاشق يار منجهيل.
درد آهن غم ۾ ٻوڙو ٻار منجهيل،
اسپتال ۾ آ هر بيمار منجهيل،
هيڊ، مرچ، ڌاڻا، لونگ، دال ڪاري،
ڪٽ آهن ضرب ۾ جاني جو هي منجهيل،
ڪيئن هلي هرڪو، ڪيئن هلي چرخو،
برما، وشنو، مهيش آ منجهيل،
گند گهڙيل گرو گانا ملن ٿا هت،
سر، سنديش ۾ سيوڪ منجهيل،
برف ڳري ندين رستو آ بدليو،
شيطاني دماغ ۾ قيامت منجهيل،
سڀ جا تڪيل منهن آهن مايا ۾ هت،
شرير مان نڪرڻ لاءِ ساهه منجهيل،
اهو هرڪو ڦاسي هن دنيا ۾ ڪڙو،
مڪڙي آ ڄار ۾ پرڪاش منجهيل.
غزل : مزمل چانڊيو
آيا مونکي خيال هي تنهنجا
هرڻي جهڙا ڇال هي تنهنجا
اکين آڏو ٿا گذري وڃن
جوت جهڙا بس جمال هي تنهنجا
ڇو ٿو ڇاهين ايڏو مونکي
اڳيان ڦرن ٿا سوال هي تنهنجا
روز ڏسڻ سان خون ڪرين ٿو
روز نوان ڪي ڪمال هي تنهجا
ناهي ڪوئي مٽ ثاني تنهنجو
رڳو ڏيان مان مثال هي تنهنجا
.................................
غزل : خادم سبحان ڏاڏاهي
توکي ڏسڻ لاء اکيون التجائون ڪنديون رهيون
پل پل تڪيندي راهون، صدائون ڪنديون رهيون
توکي پسي پرين جي. جيئنديون رهيون سدائين
سجدن سُڏڪِي تولاءِ، دعائون ڪنديون رهيون
سنڌ جان لڳين ٿي سُهڻِي، اجرڪ جو چولو پهري
مخمور مست من کي،ادائون ڪنديون رهيون
ويڙهيل وار ڪُلهن تي،کولي ڇڏڻ کان پوءِ
واهه واهه ويندي ويندي، گهٽائون ڪنديون ويون
ننڊ ۾ به جاڳندي مون يادون تنهنجون ڏٺيون
هر حال ۾ هميشه، وفائون ڪنديو رهيون
تنهنجو حُڪم ته هاڻي، اکيون کَڄَن نه مونڏانهن
هر هر نهاري تو ڏي، خطائون ڪنديون رهيون
خود سان ڪري بغاوت، خادمَ ڪيون ٿي آزيون
اعتراض ڪئين هزارين،انائون ڪنديون رهيون
................................
شاعر : رضا صديق کيبرائي
خواب لٽائي ويٺو آ ڪو
پور پچائي ويٺو آڪو
ڪنهنجي اک جي ڪُنَ ۾ ڦاسي
پاڻ وڃائي ويٺو آڪو
زخمن کي ترتيب ڏئي ٿو
سور سجائي ويٺو آڪو
عشق کي سمجهي ڪونه سگهيو آ
نانگ نپائي ويٺو آڪو
سون ۾ توري ڪنهن جا جذبا
روح رنجائي ويٺو آڪو
آڌي رات جو پين پني جي
ننڊ ڦٽائي ويٺو آڪو
آس اچڻ جي ناهي ”رضا“ پر
ديپ جلائي ويٺو آڪو
....................
غزل : دلشاد ڪانڌڙو
ها مان منهنجن تنهاين سان جڳ سارو گڏ ساٿين سان
۽مان منهنجن تنهاين سان ير مان منهنجن تنهاين سان
ڏور پري ڏ س ڀونر ڀري، ٿو ڪنهن ساٿيءَ لاءِ ڦري
آ رنگ برنگي لاتين سان، مان منهنجن تنهاين سان
وينگس ٿا پل پل ڳل ڇهن ،۽ سونهن کي ٿا يرڪتڪائن
آ هن جوپنهنجن پيارن سان، ير مان منهنجن تنهاين سان
هي سهڻي سهڻي سندر هوا، ڄامشوري جي وڻندڙ هوا
ٿي توبن ماري ڪا تين سان، ۽مان منهنجن تنهاين سان
سونهن تنهنجي ساٺ ڪري، مومل طلسم ڀي ماٺ ڪري
عاشق ماريل ڀوراين سان، ۽ مان منهنجن تنهاين سان
تولاء ڪنهن در فرياد ڪري، دلشاد توکي رات ياد ڪري
ويٺو روئي چنڊ تارن سان،۽ مان منهنجن تنهاين سان
ها مان منهنجن تنهاين سان، جڳ سارو گڏ ساٿين سان
۽ مان منهنجن تنهاين سان ،ير مان منهنجن تنهاين سان
....................
غزل : هدايت بلوچ
چـنڊ جي روشــني آهـي ڪـيڏي مَڌ م
هــور ڙيان ، هـور ڙيان کـڻندي آ تون قد م
تنهنجي هٻڪار تي لوڪ ننڊون ڪري
پوئي کلندو ڀلا ڪيئن پنهنجو ڀرم
تون جو باکاٽڙي ٿي اچين باغ ۾
تنهنجو گلشن تي ڪيڏو نه آهي ڪرم
آ ته ريتن جا زنجير ٽوڙي ڇڏيون
تون ۽ مان گڏ هجون پوئي ڇا جو آ غم
اڄ وري تنهنجي نينن ۾ هي نير ڇو
هاء ڪيڏا گرم هاء ڪيڏا گرم
منهنجي کهرن هٿن ۾ ملائين ٿي هٿ
هائي ڪيڏا نرم هائي ڪيڏا نرم
....................
غزل : ساجد سنڌي
هر خوشي مون کان کسي ٿئي، اي خوشي تو ڇا ڏنو.
زندگيءَ کي، زندگي ڀر، زندگي ! تو ڇا ڏنو.
آهه زاري، پنڌ واري، پير ننگا، سج تتل،
لڙڪ لارون، بيقراري، عاشقي ! تو ڇا ڏنو.
تو پٺيان توکي وڃائي، مون وڃايو پاڻ کي،
رات ساري، آ انڌاري، روشني ! تو ڇا ڏنو،
اک ڪٽوري مئڪدي ۾، مئه پڄاڻان ڪنهن کنئي،
هوش ۾ مئنوش ناهن، مئڪشي ! تو ڇا ڏنو.
پيار هو پنهنجو اثاثو، پيار ئي پايو مگر،
جڳ لٽيرو سڀ لٽي ويو، سادگي ! تو ڇا ڏنو.
وارَ کولي، وارَ ڪر، هر وارِ خالي وارُ ڇو،
مان به ماندو هان مرڻ لئه، او مَٺي ! تو ڇا ڏنو.
سور، سپنا ساڻ ”ساجد“ سار، سوچون، آسرا.
پين، ڪاغذ، پيٽ خالي، شاعري ! تو ڇا ڏنو.
..................................................
شاعر : علي چوهاڻ کيبرائي
اوچتواوچتو
ننڊ آئي وئي
خواب لٽجي ويا
اوچتو اوچتو
سونهن ڌرتي مٿان
شعر لکجي ويا
اوچتو اوچتو
پيار پڌرو ٿيو
يار شڪجي ويا
اوچتو اوچتو
ڀيل تان چانهن تان
ڪنڌ ڪپجي ويا
اوچتو اوچتو
مال دولت وڌي
عيب ڍڪجي ويا
اوچتو اوچتو
گهر خدا جي ويس
درد گهٽجي ويا
اوچتو اوچتو
لب ۽ لالي ”علي“
رنگ گڏجي ويا
اوچتواوچتو
.......................
شاعري : عقيل راهمون
اويلي وقت تي ويندڙ او ڪويليو
پنهنجي سکي کي چئجو
منهنجا نظم اگهاڙا آهن
تنهنجي ڇاتي مياڻي جهڙي
منهجا چپ هوشو جهڙا
تون جي ڪولهڻ ٿي ايندي
مان سارو ننگر ٿي پوندس
او ڪويليو هن کي چئجو
منهنجا نظم اگهاڙا آهن
تون پاڪيزه تفسيرن جئين
مان اگهاڙي تصويرن جئين
ڪافر وستي وستي هوندي
تنهنجي مرڪ مسلم جهڙي
منهنجا لفظ سارا شرابي
او ڪويليو سکي هن کي چئجو
وار وڇاڻا هاڻي نه ٺاهي
مسجد مندر سارا ڊاهي
يادون ڀٽ جي ڀر۾ پوري
...۔۔۔
ڪنهن ڪتبي تي منهنجو نانءَ اڪاري
منهجو سارون مٺيون
جيڪو خواب بسيرت ۾
گناهن جا جهول ڀري توکي ڏنا
تنهجي مدهم ساهن تي جيڪو خيال اٿيا
سارا خيال شرابي ٿيا
سارا نظم اگهاڙا ٿيا
تون ميران جهڙي آهين
مان تنبور تنهنجو آهيان
جئين وڃائين تئين وڃان
او ڪويليو سکي کي چئجو
تون برهمڻ مان شرابي
تنهنجو آسڻ آهي مندر
منهنجو آسڻ تنهنجا سپنا
تون برهمڻ مان شرابي
او ڪويليو هن کي چئجو
سارا سپنا تنهنجي شاعر
درد کي وڪڻي آهن ڇڏيا
بکر منهنجو هڪڙو آهي
سارا نظم اگهاڙا آهن
..................................
شاعري: عمران درويش سومرو
ياد تنهنجي ٿي روئاري بي وفا ڏس ڇا ڪيان
هيانءَ منهنجي کي ٿي ڳاري بي وفا ڏس ڇا ڪيان؟
هر طرف تنهنجون نشانيون مون اڳيان وکريل آهن!
بس تڪيان ٿو لڙڪ هاري، ٻيو ڀلا ڏس ڇا ڪيان؟
زندگيءَ جا رنگ سارا پاڻ سان گڏ وئيڻ کڻي
منٿ توکي، ميڙ توکي، آءَ واپس ڇا ڪيان؟
آ جدائي سور اهڙو، زندگي ناسور ٿي
تو سواءِ، آئون زنده لاش آن بس ڇا ڪيان؟
آ ڏکيو درويش ڏاڍو لفظ ڇا نروار ڪن؟
تون اچين يا موت ماري، آهيان بي ڪس ڇا ڪيان.
...............................
شاعر : هدايت بلوچ
مان به ڏکايل... تون به ڏکايل...
هي به ڏکايل... هو به ڏکايل...
سارو ڏيھ ڏکارو آهي....
جيون پوء به پيارو آهي ...
........................
شاعري : آزاد آخوند
هـڪڙو ننـــڍڙو گــــــــيت لکان
تنهن ۾تنهنجي پريت لـــــکان
جــڏهن به مان قلم کڻــــــــان
تـــوکـــي مــــــٺڙو ميــت لکان
تـنـهـنـجــي هــر هڪ وک تي
ســــرن جي ســـــنگيت لکان
نفــــرت کي ڏئي مــــان هـــار
مــحبت جـــي ٿو جـــيت لکان
پيار کي ڪو پاپ نه سمجهي
اهـــــڙي ڪــائي ريـــت لــکان
.........................
سنڌي نور : نثري نظم
اڄ مون پاڻ کي ڳولي لهڻ جو وچن ڪيو
نگري نگري
وستي ۾ آڻ ڄاڻ
رستن ۾
ڪنهن نه ڄاتل
صحرائن ۾
ڳوليندي رهيس
پرنه مليس
سوچون اينديون رهيون
ته مان ڪڏهن
گم ٿيس ۽ ڇو
منهنجا سوال
مون سان
گڏ هئا پنڌ ۾
شايد اسان جو
سفر اڻ کٽ هو
پر ڪنهن وڻ جي
ڇانوري ۾ پاڻ کي
محسوس ڪيم
اري!.. مان هت
ڪئين آيس
خبر نه پئي
سوچم شايد
منهنجو اندر
مون کي هت وٺي
آيو آهي ،،،،
ها هابلڪل
پوء مون پنهنجي
اندر کان پڇيو هت
چيائين توڪير
مان تنهنجو اندر آهيان
پر تو ته منهنجي
چوڻ تي هلندو هلندو هوئين
پر مان
تنهنجو غلام نه
مون چيو
پاڻ ته هميشه گڏ هياسين
پوء مون کان
پنهنجو پاڻ ئي
غم ٿيڻ لڳو
۽ سڀ رهجي ويو
پنهنجو پاڻ
ڳولڻ جي اتساھ مون کان
منهنجو اندر ئي کسي ورتو
ها ! منهنجو اندر ئي کسي ورتو
ها ! منهنجو اندر ئي کسي ورتو
........................
غزل : جبار بوزدار
پيار جا ڪي فسانا ٿي ڳولي
دل ڏکن جا خزانا ٿي ڳولي
مان اڪيلو چريو گهڻو هن لئي
ڇو مگر هوَ زمانا ٿي ڳولي
اک شرابي گلاب چهرو آ
دل چمڻ جا بهانا ٿي ڳولي
اڳ سٺا سور هن گهڻا آهن
خواب هاڻي سهانا ٿي ڳولي
روز جيئان مران ٿو مان جبار
پو به مون لئي نشانا ٿي ڳولي
،،،،،،،،،،،،،،،،،
غزل : علي ظفر
اسان هون سهڻا فقير ماڻهون
تهنجي نظرن جا اسير ماڻهون
پيار محبت پرچار اسان جي
محبتن جاهون سفير ماڻهون
محبتن جي موٽ ۾ ڏين ٿا نفرتون
ڏس ته ڪيڏا آهن شرير ماڻهون
هت قدر ڪندو نه تهنجو ڪو ظفر
رهن ٿا هتي سڀ امير ماڻهون
.....................................
شاعري : حيدر دريا زئنر
اوهانجي شهر جون رنگي روشنيون
ڄڻ ڪراچيءَ جون ڳاڙهيون، ڀُوريون ڇوڪريون
انهن روشنين ۾ اسان دل وڃائي
لڌي جي اوهان آ، پوءِ اسان جو خدا آ
انهيءَ شهر جون سئين گليون گول آهن
ڪيون ڪيتريون تن دليون رول آهن
سڄي شهر جون سڀ شرابي بٺيون
اسان پي کپايون، ڀري عشق جون چٽيون
اهو عشق اهڙو،ڄڻ آزادي لئـ جھيڙو
انهيءَ جون اي حيدر ڪري نوڪريون
ڏنيونسين دليون ،ڪڍي روڪڙيون
اوهانجي شهر جون رنگي روشنيون
ڄڻ ڪرا چيءءَ جون ڳاڙهيون، ڀُوريون ڇوڪريون.
.....................................
شاعري : صغير جتوئي
رات بـ تولئـ گيت لکيو مون
توکي پنهنجو ميت لکيو مون
تو جيتيو ڄڻ مون ئي جيتيو
هار کي ڀانئي جيت لکيو مون
ڪو ڪافر ڪوٺي تـ ڪوٺڻ ڏي
تو گهر کي مسيت لکيو مون
جي ڪيئي جفائون تن کي پيارا
روئي هو نئين ريت لکيو مون
صغير پوئي لڙڪ پاند ۾ پنهنجي
سڪ سوز ڀريو سنگيت لکيو مون
.....................................
غزل : اندرا شبنم پوناوالا
ڇو نه ڪو پنهنجا سور سلي،
پر ٿو ڪو همراز کپي.
ڪو پنهنجي دل ڇو نه لٽي،
دلڪش ڪو انداز کپي.
منزل تي پهچي سگهبو،
ان لاء ڪو آغاز کپي.
دل جي تارن کي ڇيڙي،
سوز ڀريو ڪو ساز کپي.
جيئي پيو ٿو هرڪوئي،
جيون تي پر ناز کپي